ايوب کوسو

ايوب کوسو

ايوب کوسو

ايوب کوسو: مشھور شاعر، نثر نويس ۽ ناول نگار ايوب کوسو، جهڏي لڳ ڳوٺ حاجي احمد کوسي، تعلقي ڊگهڙي، ضلعي ميرپورخاص ۾، پھرين مئي 1971ع تي ڄائو. تعليم بي.اي، بي.ايس. سي اٿس. 1989ع کان شاعري شروع ڪئي. سڀ کان پھرين سندس شاعري ماهوار ’سھڻيءَ‘ ۾ شايع ٿي. مختصر عرصي ۾ نئين ٽھيءَ جي سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. خاص ڪري غزل ۽ نظم ڏاڍا اثرائتا ۽ پختا لکيا اٿس. سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي آهي. سنڌي ادبي سنگت جهڏي ۽ نئين ڪوٽ جو ميمبر رهڻ سان گڏ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي آهي. پريس ڪلب نئين ڪوٽ جي باني ميمبرن مان آهي. ايوب خانگي طور ڪيتريون نوڪريون ڪيون، جن ۾: 91 کان 98 تائين خانگي اسڪول ۾ پڙهايو، ان بعد ورلڊ فوڊ نالي اين جي اوز ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ لاڳيتو زراعت سان لاڳاپيل رهيو آهي. ايوب ڪيترا سال سينٽرل جيل حيدرآباد ۾، ڪن متعصب ڌرين طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ سزا ڪاٽي اٿس. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”گلابن جو ڪفن“ (شاعري: 2002ع)، ”ديوارن جي دنيا پويان“ (جيل ڊائري: 2003ع)، هن ڪتاب تي اڪيڊمي آف ادبيات پاران هڪ لک پنجاهه هزار رُپيا انعام مليو. ”اڪيلائيءَ جو آسمان“ (شاعري 2004ع) .”بارش سوچي ٿي“ (نثري ٽڪرا: 2005ع) ، ”نگاهون نيرا گل“ (شاعري:2006ع )،”درد جون مسافريون“ (2007ع ). ”ڪنارن تان سڏ“ (شاعري: 2008ع)، ”سنڌ اداس آهي“ (ڪالم ڪھاڻيون: 2010ع) ”اوجاڳن جي پن ڇڻ“ (نثري ٽڪرا: 2013ع) ”سُھائي سپرين جي“ (ڀٽائي جو اڀياس: 2015.) ”ويساهن جا وچن“ (خط: 2016ع) ”وڃايل وارث“ (ناول: 2017ع)، ”مري جِي ڏٺوسين“ (ناول: 2018ع. ”اونداهه کان اڳتي“ (شاعري: 2019ع) شامل آهن. ايوب کوسي کي سندس فن ۽ فڪر جي مڃتا طور، سوجهرو ڪراچي اوارڊ، سنڌ راڻي اوارڊ، ڀٽائي اوارڊ، امر روپلو ڪولهي اوارڊ، ڪلياڻ اوارڊ، ريڊيو ڪلب جهول مڃتا اوارڊ، مادر وطن اوارڊ مليا آهن.


لفظ ايوب کوسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.05.01  عيسوي

ايوب کوسو: نئين ٽهيءَ جو شاعر ايوب کوسو ، جهڏي لڳ ڳوٺ حاجي احمد کوسي ، تعلقي ڊگهڙي ، ضلعي ميرپورخاص ۾ ، پهرين مئي 1971ع تي ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رستم فقير لغاري
ايوب آريسر
حڪيم محمد صادق طالب
چانڊيو عبدالله ’اثر‘
سودائي سومرو
دکايل هوندراج
راض محمد خان عاشق
رمضان ڪنڀر
بلند فقير سولنگي
بشير منگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون